اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل چيو آهي ته هڪ وقت هو جڏهن عدالتون حڪومتون هلائينديون هيون، هاڻ اهو وقت گذري چڪو آهي، اسان هتي حڪومتون هلائڻ لاءِ نه ويٺل آهيون. سپريم ڪورٽ ۾ اقليتن جي تحفظ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ پنج رڪني آئيني بينچ ٻڌڻي ڪئي. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته هڪ وقت هو جڏهن عدالتون حڪومتون هلائينديون هيو، هاڻ اهو وقت گذري چڪو آهي اسان هتي حڪومتون هلائڻ جي لاءِ نه ويٺل آهيون.اقليتي اڳواڻ چيو ته جڙانواله ۾ چرچ کي باهيون ڏيڻ جي واقعن ۾ مُک جاوبدار گرفتار نه ڪيا ويا آهن، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته نامزد جوابدارن کي ضمانتون ملي چڪيون آهن، واقعي جي جاچ صحيح ناهي ٿي.جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته اسان ٽرائيل جي عمل ۾ هن وقت مداخلت نٿا ڪري سگهون. فيصل صديقي چيو ته اسان جي سپريم ڪورٽ ۽ ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ وڏو فرق آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ بابري مسجد جي قدمن تي مهر لڳائي اسان جي سپريم ڪورٽ 2014 ۾ اهڙو ڪجهه به نه ڪيو. جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته جيڪي ڳالهيون اوهان ڪري رهيا آهيو اهي ته نيشنل ايڪشن پلان ۾ شامل آهن. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وسيم ممتاز پنهنجي موقف ۾ چيو ته هتي حڪومت جي خلاف انهي جي لاءِ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته جيئن عالمي سطح تي ويوز ملن. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته تازو ئي ٽرين تي دهشتگردي جو ڏکوئيندڙ واقعو ٿيو جيڪڏهن هڪ ماڻهو کان غلطي ٿئي ٿي ته اهو الزام نٿو لڳائي سگهجي ته سموري اسٽيٽ انهي ۾ ملوث آهي. ان سان گڏ ئي عدالت سڳوري ڪيس جي ٻڌڻي 5 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
