مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا ٽئين ۽ آخري ون ڊي ۾ انگلينڊ کي دلچسپ مقابلي بعد شڪسٽ ڏئي سيريز کٽي ورتي. انگلينڊ جي ڪپتان ايئن مورگن ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو تباهه ڪن ثابت ٿيو. جيسن راءِ ۽ جو روٽس ابتدائي ٻن بالن تي آئوٽ ٿي ويا. جنهن بعد جوني بيئر اسٽوو جو ساٿ ڏيڻ لاءِ ڪپتان مورگن آيو ۽ 67 تائين اسڪور پهتو ته مورگن 23 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو ۽ 96 جي مجموعي اسڪور تي جو ز بٽلر به پويلين موٽي ويو. جنهن بعد بلنگز ۽ بيئر اسٽوو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ انگلينڊ کي ميچ ۾ واپس آندو، بيئر اسٽوو 112 ۽ بلنگز 57 رنز ٺاهيون. ٽيل اينڊرز سان ملي ووڪس اسڪور 300 ڪراس ڪرايو ۽ انگلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 302 اسڪور ڪيو. ووڪس ٻن ڇڪن ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 53 ناٽ آئوٽ رهيو. آسٽريليا جي مچل سڀ کان وڌيڪ 3 وڪيٽ ته ورتيون پر 74 رنز به ڏنيون. ووڪس ايرون فنچ ۽ مارڪس اسٽوئنس کي آئوٽ ڪيو ۽ جو روٽس وارنر ۽ مچل مارش کي چلتو ڪيو. 73 رنز تي آسٽريليا جي اڌ ٽيم آئوٽ ٿيڻ بعد سندن شڪست يقيني نظر پئي آئي پر ميڪسويل ۽ ايلڪس ڪيري 212 رنز جي شراڪت قائم ڪري انگلينڊ جون اميدون پاڻي ۾ ملائي ڇڏيون. ميڪسويل 44 رنز تي ڪيچ ٿي ويو هو پر آرچر جو اهو بال نو بال قرار ڏنو ويو جڏهن ته ڪيري جو ڪيچ ڊراپ ڪري بٽلر عادل رشيد جي وڪيٽ ضايع ڪئي ۽ ٻئي پليئر ميچ کٽڻ جو سبب بڻيا.285 تي 5 آئوٽ ٿيڻ بعد عادل رشيد سينچري اسڪور ڪندڙ ميڪسويل کي آئوٽ ڪري نئين اميد پيدا ڪئي ۽ ڪجهه دير ۾ ايلڪس ڪيري به سينچري ڪرڻ بعد آئوٽ ٿيو. آخري اوور ۾ راند کٽڻ لاءِ 10 رنز گهربل هيون ته مورگن جوا کيڏندي اسپنر عادل رشيد کا بال ڏنو.
جنهن جي پهرين بال تي اسٽارڪ ڇڪو هڻي سندن اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو ۽ ٻن بالن بعد وري هن چوڪي هڻي راند کٽي ورتي. ان وقت بهترين بالنگ ڪندڙ مارڪ ووڊ جو به هڪ اوور رهندو هو پر ان کي موقعو نه ڏنو ويو. گلين ميڪسويل کي راند ۽ سيريز جو بهترين پليئر قرار ڏنو ويو.