ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي: چيف جسٽس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)بلوچستان اسيمبلي جي تڪ پي بي 14 بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته ووٽن آڏو فارم 45 جي ڪا اهميت ناهي.سپريم ڪورٽ بلوچستان اسيمبلي جي سيٽ پي بي 14 بابت پيپلز پارٽي جي غلام رسول جي درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.عدالت بلوچستان جي تڪ پي بي 14 تان مسلم ليگ ن جي محمد خان لهڙي جي ڪاميابي کي برقرار رکيو آهي.درخواستگذار جي وڪيل چيو ته 96 مان 7 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست داخل ڪئي وئي.چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ چيو ته درخواستگذار کي ڪيئن معلوم ٿيو ته غلط نتيجو تيار ڪيو ويو آهي، باڪس کولڻ کان پوءِ فارم 45 يا 75 صحيح ناهي رهيو.جسٽس نعيم افغان چيو ته پرزائيڊنگ آفيسر اصل رڪارڊ پيش ڪيو، توهان ڪاپين تي ڪيس هلائي رهيا آهيو، درخواستگذار جي شاهدن پرزائيڊنگ آفيسرن جا به غلط نالا ڏنا، درخواستگذار جا شاهد پاڻ کي پولنگ ايجنٽ به ثابت نه ڪري سگهيا.چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اليڪشن ۾ سڀ کان اهم ثبوت ووٽ هوندو آهي، پرزائيڊنگ آفيسر فارم 45 ڀريندو آهي، يا ته ٻيهر ڳڻپ تي اعتراض ڪندا ته باڪس کليل هئا.جسٽس شاهد بلال چيو ته رڪارڊ توهان جا الزام ثابت نٿا ڪن، ڪيس تمام سادو آهي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته الله ڄاڻي ٿو سچ ۽ ڪوڙ جو فيصلو اسان حقيقتن تي ڪندا آهيون. اهو فيصلو رڪارڊ تي آهي، پرزائيڊنگ آفيسرن جي تعصب کي ثابت ڪيو وڃي، ٻڌايو ته اهي مائٽ هئا؟ ٻيهر ڳڻپ تي ڪو به الزام نه لڳايو ويو. توڙي جو پرزائيڊنگ آفيسر جاني دشمن هجي، فيصلو ووٽ ذريعي ڪيو وڃي، الزام نه لڳايو، قانون يا ڪا حقيقت بيان ڪريو.درخواستگذار جي وڪيل غلام رسول چيو ته فارم 45 موجب اهي نتيجا نه هئا، آفيسر تعصب پرست هئا، جج بغير ثبوت جي فيصلي ۾ مون کي ڪوڙو چيو.

پهنجو تبصرو موڪليو