ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز: شاهين جي واپسي جو امڪان گهٽ

لاهور (ويب ڊيسڪ)ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستان جي اسڪواڊ جو اعلان هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي،ذريعن موجب قومي سليڪٽرز اڳ ئي صلاح مشورا مڪمل ڪري چڪا آهن، ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي منظوري کان پوءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو،پاڪستان ويسٽ انڊيز خلاف اسپنرن سان حملي جي حڪمت عملي پڻ تيار ڪئي آهي،ذريعن جو چوڻ آهي ته نعمان علي اڳ ئي اسڪواڊ ۾ آهي، جڏهن ته ساجد خان ۽ ابرار احمد واپس ايندا،ٽيم ۾ تيز بالرن جي کوٽ هوندي، نسيم شاهه کي آرام ڏنو ويندو ۽ شاهين آفريدي جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان گهٽ هوندو،ذريعن جو چوڻ آهي ته امام الحق جي واپسي جو امڪان آهي ۽ هڪ يا ٻه نوجوان بيٽسمين به اسڪواڊ ۾ شامل ٿي سگهن ٿا،صائم ايوب ۽ حسيب الله کي زخمي ٿيڻ سبب ٽيم مان ٻاهر ڪيو ويو آهي،پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي وچ ۾ ملتان ۾ پهريون ٽيسٽ 17 جنوري ۽ ٻيو ٽيسٽ 25 جنوري تي شروع ٿيندو

پهنجو تبصرو موڪليو