وڊيو وائرل ٿيڻ کان ڇو نه روڪيو ؟ ٻارن جو روڊن تي اچڻ ناڪامي آهي

لاهور (ويب ڊيسڪ)جسٽس عاليه نيلم چيو ته اڄ 18 تاريخ آهي، 13 ۽ 14 تاريخ تي وڊيو وائرل ٿي، توهان تڏهن جاڳيو جڏهن باهه لڳي ۽ سڀ ڪجهه سڙي ويو، توهان لاڳاپيل اختيارين سان دير سان رابطو ڪيو.آءِ جي پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته وڊيوز 700 کان وڌيڪ اڪائونٽس مان وائرل ٿيون، سائبر ڪرائم جي جاچ لاءِ پوليس وٽ رڳو هڪ ادارو آهي. ان تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته آءِ جي صاحب اها توهان جي ناڪامي آهي، توهان ٻارن کي روڊن تي اچڻ جي اجازت ڏني، اسان کي ٻن ڏينهن جو حساب ڏيو، توهان 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي ڇا ڪيو؟ اڄ به ايڪس ۽ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيوز آهن. چيف جسٽس چيو ته توهان جيڪي دستاويز جمع ڪرايا، توهان ٻن ڏينهن ۾ ڪجهه نه ڪيو، 16 آڪٽوبر کان ڪم شروع ڪيو، روڊن تي آيل ڇوڪرين کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڪير؟ ان تي آءِ جي پنجاب چيو ته ڊيٽا کي اپ لوڊ ٿيڻ کان روڪڻ ايترو آسان ناهي ۽ اسان وٽ اختيار ناهي، هڪ اڪائونٽ کان روڪينداسين ته ٻئي اڪائونٽ تان ٻيهر پوسٽ ڪيو ويندو.آءِ جي پنجاب چيو ته پوليس 700 کان وڌيڪ اڪائونٽس جي نشاندهي ڪئي جن تي وڊيوز هلي رهيون هيون، پي ٽي اي وٽ انهن کي بند ڪرڻ جو اختيار آهي، اسان وٽ جيترو به اختيار آهي ان تي ڪم شروع ڪيو آهي. اسان ڪجهه اڪائونٽن جي نشاندهي ڪئي، اهي اڃا تائين ختم نه ڪيا ويا آهن.ٻڌڻي دوران عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب کان پڇاڻو ڪيو ته پنجاب حڪومت ان حوالي سان ڪجهه ڪيو آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته سومر تائين ريپ جو ڪو به جوابدار سامهون ناهي آيو، افواهون آهن ته مبينا زيادتي 9 يا 10 آڪٽوبر تي ٿي آهي.ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڇوڪري ڪاليج نه اچڻ سبب ان سان زيادتي جي افواه کي ڳنڍيو ويو آهي، جيڪڏهن توهان چئو ته مان توهان کي هن ڇوڪري سان ملائي سگهان ٿو.چيف جسٽس چيو ته اڱاري تي ٻڌڻي لاءِ فل بينچ جوڙي پئي وڃي، اها ڇوڪريءَ جو بيان قلمبند ڪيو وڃي ته نتيجن لاءِ تيار آهيون .جسٽس عاليه نيلم وڌيڪ چيو ته فل بينچ انهن واقعن جي ٻڌڻي ڪندي ۽ سوشل ميڊيا تي ڪوڙي خبرن جي پکيڙ نه ٿيندي عدالت ڊي جي ايف آءِ اي جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي ڊي جي ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

پهنجو تبصرو موڪليو