وڏو اَپ سيٽ، زمبابوي، پاڪستان کي هڪ رنسن تان هارائي ڇڏيو

پرٿ ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان کي هڪ رنسن تان هارائي ميگا ايونٽ جو وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو آهي.پرٿ جي ميدان تي کيڏيل ميچ ۾ زمبابوي جي ڪپتان گريڪ اورائن ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.زمبابوي طرفان ڪريگ اورائن ۽ ويسلي مڌوير اننگز جي شروعات ڪئي ۽ ٽيم کي 42 رنسن جو آغاز فراهم ڪيو، ويسلي مڌوير 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي جڏهن ته اروائن 19 رنسن جي اننگز کيڏي، ملٽن شمبا کي اٺ جي انفرادي اسڪور شاداب خان پنهنجي ئي بال تي ڪيچ آئوٽ ڪيو، وري 14 هين اوور ۾ شاداب خان پهريان سين وليمز کي 31 رنسن تي بولڊ ڪيو ۽ وري ٻئي بال تي ريگس چڪابوا کي پڻ سلپ ۾ بابر اعظم هٿان ڪيچ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو، محمد وسيم جونيئر چار وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته شاداب خان ٽي وڪيٽون ورتيون جڏهن ته حارث رئوف جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي. 131 رنسن جي جواب ۾پاڪستان ٽيم مقرر اورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهي سگهي.هدف پٺيان ڊوڙندي پاڪستان جي ڇهين وڪيٽ 94 رنسن جي گڏيل اسڪور تي ڪري، بابر چار، رضوان 14، افتخار احمد 5، شاداب خان 17، حيدرعلي ٻڙي ۽ شان مسعود 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو .اڄوڪي ميچ لاءِ پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي ۽ آصف علي جي جاءِ تي محمد وسيم جونيئر کي پليئنگ اليون جو حصو بڻايو ويو .

پهنجو تبصرو موڪليو