وڏي وزير جو امن سان ڪو به تعلق ناهي، فيصل ڪريم

ملتام (ويب ڊيسڪ)گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وڏي وزير جو خيبرپختونخواهه جي امن سان ڪو به تعلق ناهي.ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته خيبرپختونخواهه جي موجوده حڪومت ۾ عدم تحفظ وڌي رهيو آهي. ڪي پي ڪي حڪومت امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، صوبي جي وڏي وزير کي جلسن ۽ جلوسن مان فرصت ناهي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان پُرامن پاڪستان ڏنو عوام اڄ روڊن تي آهي. ڪي پي حڪومت سڪيورٽي لاءِ 600 ارب ڏنا پر پوليس وٽ وسيلا ناهن.هن چيو ته ڪي پي حڪومت ان نعري تي هلي رهي آهي ته ڪرپشن ڪرپٽ ڪرپشن آهي، پشاور بي آر ٽي ۾ ڪرپشن سامهون آئي.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اتحادي حڪومتن ۾ مسئلا آهن، اهي مسئلا دور ڪندا.عام چونڊن ۾ بلاول ڀٽو جي مهم شايد ئي ڪنهن ڪئي هجي.هن اهو به چيو ته بلاول ڀٽو آئيني عدالتن جي قيام لاءِ جاءِ جاءِ تي وڃي رهيو آهي، وسندي جي عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو