وڏي وزير طرفان شاهد رسول کي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول کي سرجري جي شعبي ۾ خدمتن جي عيوض برطانيه ۾ اعزازي ڊگري حاصل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. اسڪاٽش رائل ڪاليج آف سرجنز، ايڊنبرا پاران سنڌ جي نامور سرڪاري اسپتال جي ماهر سرجن ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول کي طب جي شعبي ۾ شاندار خدمتن تي اعزازي ڊگري ڏني وئي آهي. ياد رهي ته اداري جي رڪنيت ۽ فيلوشپ جون ڊگريون امتحاني ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ڏنيون وينديون آهن. اسڪاٽلينڊ ۾ ٻه رائل ڪاليج آهن هڪ رائل ڪاليج آف گلاسگو ۽ ٻيو رائل ڪاليج آف ايڊنبرا. پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول پنهنجي پهرين ڊگري رائل ڪاليج آف گلاسگو مان حاصل ڪئي ۽ بعد ۾ کيس اعزازي ڊگري ڏني وئي. وڏي وزير چيو ته سرجري شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول جون خدمتون مثالي آهن. هن چيو ته پروفيسر شاهد رسول پاڪستان خاص ڪري سنڌ جو قيمتي اثاثو آهي. هن معزز ڪاليج ۾ نه صرف سنڌ حڪومت جي نمائندگي ڪئي پر سڄي ملڪ ڳاٽ اوچو ڪيو. پروفيسر شاهد رسول جناح اسپتال ۾ روبوٽڪ سرجري جي شعبي ۾ اعليٰ خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي ۽ جناح اسپتال جي ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي روبوٽڪ سرجري جي خاص تربيت ڏيڻ جو پڻ اعزاز حاصل آهي. جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ملڪ جي سڀ کان وڏي اسپتال هجڻ سان گڏ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ملڪ خاص ڪري ڪراچي جي عوام جي ترقي لاءِ پرعزم آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو