وڏي وزير پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته مهم 9 فيبروري تائين جاري رهندي، صوبي ۾ پنجن ورهين کان ننڍي عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. وزيراعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪري ڇڏيو. افتتاحي تقريب ۾ آءِ جي پوليس غلام نبي ميمڻ، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وال آف هيروز تي صحي به ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته مهم 9 فيبروري تائين جاري رهندي، صوبي ۾ پنجن ورهين کان ننڍي عمر جي هڪ ڪروڙ 6 لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياريا ويندا. هن چيو ته 82 هزار فرنٽ لائن پوليو ورڪر گهر گهر وڃي ٻارن کي ويڪسين ڏيندا، پوليو ورڪرن جي حفاظت لاءِ 21 هزار 844 سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، مهم ۾ پوليس جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان هاڻي دنيا جي رڳو ٻن ملڪن ۾ شامل آهي جتي پوليو وائرس موجود آهي، گذريل سال ملڪ ۾ 73 پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيا، جن ۾ 22 سنڌ جا آهن. هن چيو ته هلندڙ سال جو پهريو ڪيس ڪي پي جي ضلعي ڊيرا اسماعيل خان ۾ رپورٽ ٿيو، ماحولياتي نمونن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي تصديق ٿي آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته پوليو ٽيمن کي ڌمڪائڻ يا ڪم ۾ رنڊڪ وجهندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پوليو ورڪر ٻارن جي مستقبل جا محافظ آهن، کين عزت ڏني وڃي، والدين پوليو ورڪرن سان سهڪار ڪن. سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۽ پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ ۾ هر فرد کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ويزن کي پورو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن، سنڌ سرڪار پوليو جي مڪمل خاتمي ۽ هر ٻار کي موذي مرض کان محفوظ رکڻ لاءِ سرگرم آهي. چيف سيڪريٽري طرفان هڪ پرفارمنس اسڪور ڪارڊ متعارف ڪرايو ويو. پرفارمنس ڪارڊ تحت بهترين ضلعن جي حوصلا افزائي ۽ ڪمزور ضلعن جي جوابدهي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو