ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ وڪيلن طرفان پنهنجي ئي اصيلن (ڪلائنٽس) ۽ ٻين شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن طرفان پنهنجي اصيلن ۽ شهرين خلاف داخل ڪيسن جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي. آءِ جي سنڌ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ وڪيلن جي فرياد تي 609 ڪيس داخل ڪرايا ويا. جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي کانپوءِ لکت حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت وڪيلن طرفان شهرين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سڀني ڪيسن جي ڇنڊ ڇاڻ لاءِ معاملو سنڌ بار ڪائونسل کي موڪلي ڇڏيو. عدالت بار ڪائونسل کي وڪيلن طرفان ڪيس داخل ڪرائڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جي به هدايت ڪئي. عدالت چيو ته وڪيلن طرفان پنهنجي ئي اصيلن ۽ شهرين خلاف ڪيسن جو معاملو وڪيلن جي پيشي لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. حڪم نامي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جعلي ڪيس داخل ڪرائيندڙ وڪيلن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم به ڏنو. عدالت هدايت ڪئي ته پوليس پيشي، رنگ، مذهب، نسل ۽ ذات جي فرق بنا شهرين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻائي، پوليس هر شهرين جي سيڪيورٽي بنا فرق جي يقيني بڻائي.
عمران خان 24 نومبر تي ملڪ اندر ۽ ٻاهر احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو
ويلڪم ٽو وائيٽ هائوس، ڊونلڊ ٽرمپ جي جو بائيڊن سان ملاقات
مني بجيٽ نه ايندي، ٽيڪس حدف 12 هزار 970 ارب برقرار رهندو
سنڌ حڪومت پاران “ٽرانس جينڊر ايجوڪيشن پاليسي” منظور
اسسٽنٽ ڪمشنر هاظم بنگوار جي تبديلي جو نوٽيفڪيشن معطل
مطالبن جي منظوري تائين اسلام آباد مان واپس نه وينداسين
مراد شاهه سان قيصر شيخ جي ملاقات، سامونڊي مسئلن تي ڳالهيون
ارسا ايڪٽ رد،سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاهڻ جو منصوبو قبول ناهي
آءِ ايم ايف اختياريون بسپ جي ڪارڪردگي مان مطمئن
ٻوڏ سبب 60 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو،واعدن تي عمل ٿيڻ گهرجي: وزيراعظم
پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ غير اخلاقي ويب سائيٽن تائين رسائي جو انڪشاف
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 85 پئسا ٿي ويو
شاهه ڪوٽ ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا
گمبٽ ڀرسان نوجوان سولر لائٽ جي پول تان ڪـِري فوت ٿي ويو
سجاول جوڻيجو ۾ مبينا ڪارنھن الزام ھيٺ گهر واري ۽ نوجوان قتل
سوڀوديرو ويجهو نوجوان غربت کان تنگ اچي آپگهات ڪري ڇڏيو
ڪنب ۾ ڪارروائي سوپاريون وڪرو ڪندڙ جوابدار گرفتار
اليڪشن ٽربيونل جي تبديلي واري فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جو حملو، ماءُ پٽ قتل، 2 ڄڻا زخمي
پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ جو امڪان