اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وڪيلن ۽ چيف جسٽس ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن ۽ سيشن ججز جا ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بابت اختيار بحال ڪيا ويا آهن. فرق ايترو آهي ته “جسٽس آف پيس” اڳ ۾ ايس ايڇ او کان رپورٽ طلب ڪرڻ بعد ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت حڪم جاري ڪندا هئا ۽ هاڻي ضلعي پوليس سربراه يعني ايس ايس پي کان رپورٽ طلب ڪرڻ بعد حڪم جاري ڪندا. رابطو ڪرڻ تي پاڪستان بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين سيد امجد علي شاهه سنڌيار کي ٻڌايو ته چيف جسٽس سان ٿيل ملاقات ۾ اهو به تسليم ڪيو ويوآهي ته سيڪشن ٻاويهه اي ۽ ٻاويهه بي هيٺ داخل ڪيس جيڪي جڊيشل پاليسي 2019 هيٺ واپس ورتا ويا هئا اهي سڀ بحال ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وڪيلن جي هڙتال ۽ احتجاج جو مقصد پورو ٿي ويو آهي. واضح رهي ته 20 ۽ 21 مارچ تي پاڪستان بارڪائونسل سڄي ملڪ ۾ هڙتال ڪرائي پر ان جو نوٽيس نه ورتو ويو هو پر اڄوڪي هڙتال جو نوٽيس وٺندي چيف جسٽس وڪيلن جي نمائندن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا تسليم ڪيا. سنڌ بار ڪونسل جي بين الصوبائي رابطا ڪاميٽي جي چيئرمين عبدالرزاق مهر سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته بينچ ۽ بار ۾ غلط فهميون ختم ٿي ويون آهن ۽ احتجاج ختم ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بينچ ۽ بار هڪٻئي لاءِ لازم ملزوم آهن ۽ اها سڀني لاءِ ون ون واري صورتحال آهي.
اگر آپ کو کسی مخصوص خبر کی تلاش ہے تو یہاں نیچے دئے گئے باکس کی مدد سے تلاش کریں