يقيناً هڪ ٻيو مدو هلائڻ جو ارادو آهي،پر حتمي فيصلو اڃا ٿيڻو آهي: بائيڊن

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر جو بائيڊن ٻئين مدي لاءِ چونڊ وڙهڻ بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب لنڊن مان جاري ڪيل بيان ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته ٻئي مدي لاءِ چونڊ وڙهڻ جو ارادو ضرور آهي پر حتمي فيصلو اڃا ٿيڻو آهي. آمريڪي صدر جو چوڻ آهي ته اهو صرف هڪ ارادو آهي، ڏسڻو اهو آهي ته حتمي فيصلو ڇا ٿيندو. صدر جو بائيڊن لاءِ ، ”ذهانت تقليد لاءِ“ جو محاورو سچو ثابت ٿيو ٻئي طرف آمريڪا ۾ ڪورونا جي وبا جي حوالي سان صدر بائيڊن چيو آهي ته آمريڪا ۾ ڪورونا وبا ختم ٿي چڪي آهي. آمريڪي ميڊيا موجب صدر جو بائيڊن هن سال نومبر ۾ 80 ورهين جو ٿي ويندو ۽ هن عمر ۾ سندس لاءِ ٻيهر چونڊ وڙهڻ مشڪل هوندو. ياد رهي ته جوبائيڊن 20 جنوري 2021 تي پنهنجي عهدي جو حلف کنيو هو، جنهن کانپوءِ هو آمريڪا جو 46 هون صدر بڻجي ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو