يورو ڪپ جو فائنل انگلينڊ ۽ اٽلي آچر تي کيڏندا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) يورو ڪپ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ انگلينڊ ڊنمارڪ کي هڪ جي ڀيٽ ۾ ٻن گولن تان شڪسٽ ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. آچر تي انگلينڊ ۽ اٽلي ۾ فائنل ميچ ٿيندي. 55 سالن ۾ ميزبان انگلينڊ ڇا فٽبال جو هي معراج ماڻي سگهندي؟ ان بات ميڊيا تي تبصرا هلي رهيا آهن. ڊنمارڪ 92 يورو ڪپ جو چيمپئن آهي ۽ سيمني فائنل جو فيصلو ايڪسٽرا ٽائيم ۾ ٿيو. ان کان اڳ پهرين  سيمي فائنل ۾ اٽلي اسپين کي شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو هو.  ميچ جو فيصلو پنالٽي ڪڪس ذريعي ٿيو. لنڊن ۾ کيڏيل پهرين سيمي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو، پهرين هاف ۾ ڪابه ٽيم گول نه ڪري سگهي. ٻئي هاف جي پندرهين منٽ ۾ اٽلي طرفان بيرار ڊي گول ڪيو، راند ختم ٿيڻ کان 10 منٽ اڳ اسپين جي موراٽا گول ڪري مقابلو برابر ڪيو. ميچ کي فيصلائتو بڻائڻ لاءِ پنالٽي ڪڪس جو سهارو ورتو ويو، جنهن ۾ اٽلي چار ۽ اسپين 2 گول اسڪور ڪيا، ائين اٽلي جي ٽيم ايونٽ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو