يورپي يونين پاران فلسطين لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جو اعلان

برسلز(ويب ڊيسڪ)يورپي يونين (اي يو) اعلان ڪيو آهي ته هو فلسطين لاءِ جلد فنڊ جاري ڪندو. پرڏيهي خابرو اداري موجب فلسطين ۾ تعليمي سڌارن تي تڪرار سبب 2021ع ۾ يورپي يونين جا فنڊ روڪيا ويا هئا. پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته يورپي ڪميشن فلسطين کي هر سال 300 ملين يورو امداد فراهم ڪري ٿي. فلسطيني وزيراعظم محمد اشتيا يورپي يونين جي فنڊ جاري ڪرڻ جي اعلان تي شڪريو ادا ڪيو آهي. فلسطيني وزيراعظم محمد اشتيا جو چوڻ آهي ته هو فلسطين لاءِ امداد جي بحالي تي شڪر گذار آهي، ”اڄ هڪ خوشي جو ڏينهن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو