برسلز(ويب ڊيسڪ)يورپي ڪميشن اربع ڏينهن اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا تي جوابي تجارٽي پابنديون ايندڙ مهيني کان مڙهيون ويندون. جاري ڪيل بيان م ٻڌايو ويو آهي ته يورپي يونين ايندڙ مهيني کان 26 ارب يورو (28 ارب ڊالر) جي آمريڪي شين تي جوابي ٽيرف لاڳو ڪندي. ياد رهي ته آمريڪا اسٽيل ۽ ايلومينيم تي اڄ کان 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي. يورپي ڪميشن چيو ته هو پهرين اپريل تي آمريڪي شين تي محصولن جي موجوده معطلي کي ختم ڪندا ۽ اپريل جي وچ تائين آمريڪي شين تي جوابي قدمن جو هڪ نئون پيڪيج پڻ پيش ڪيو ويندو. معطل ٿيل محصول ٻيڙين کان وٺي موٽر سائيڪلن تائين جي شين تي لاڳو ٿين ٿا، يورپي يونين چيو ته آمريڪا کان يورپ م درآمد ٿيندڙ ٻين شين کي شامل ڪرڻ بابت ٻن هفتن ۾ مشاورت بعد فيصلو ٿيندو. ياد رهي ته آمريڪا کي اسٽيل ۽ المونين جا وڏا سپلائر ڪينيڊا ۽ يورپ آهن. ڪينيڊا تي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي. جواب ۾ ڪينيڊا آمريڪا جي نيو يارڪ سميت ڪيترن شهرن کي بجلي جي سپلاءِ ۽ ٻين شين تي ٽيرف وڌائڻ ۽ ٻئي مرحلي ۾ بجلي جي فراهمي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو.
