ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ اڄ چوٿين خليفي حضرت علي ڪرم الله وجهه جو يوم شهادت انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. حضرت علي جي شهادت جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ ماتمي جلوس ۽ مجلسون منعقد ڪيون وينديون.ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس ٻنپهرن جو هڪ وڳي نشتر پارڪ کان برآمد ٿيندو جيڪو کارا در ۾ امام بارگاهه حسينه ايرانيان تي اختتام پذير ٿيندو، جلوس جي گذر گاهن تي ايندڙ گهٽين ۽ روڊن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. شهرين کي صرف واڪ ٿرو گيٽس جي ذريعي داخلا جي اجازت هوندي ۽ رستن تي ڪلوز سرڪٽ ڪيمرائون به لڳايون ويون آهن.جلوس جي روٽ تي ايندڙ دوڪان بند ڪرايا ويا آهن، ايم اي جناح روڊ کي به ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو جڏهن ته ڪوريڊور ٿري کان صدر ايندڙ روڊ کي پارڪنگ پلازه کان بند ڪيو ويو آهي. جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن. رينجرز ۽ پوليس جا 4 هزار کان وڌيڪ اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر هوندا. جلوس نشتر پارڪ کان ٿيندي سر شاهنواز ڀٽو روڊ، فادر جيمز روڊ، ايم اي جناح روڊ، مسينسفيلڊ اسٽريٽ، ريگل چوڪ، پريڊي اسٽريٽ، ايم اي جناح روڊ بولٽن مارڪيٽ، بهاٽي بازار، کارادر، نواب محبت خانجي روڊ ۽ حسينيه ايرانيان امام بارگاهه تائين جاري رهندو. لاهور ۾ يوم شهادت حضرت علي جي موقعي تي مرڪزي جلوس مبارڪ حويلي اندرون اڪبري گيٽ کان برآمد ٿيندو جيڪو ڪربلا گامي شاهه تي اختتام پذير ٿيندو. آزادي فلائي اوور کان بهاٽي چوڪ طرف ويندڙ روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند هوندي. مال روڊ، سيڪريٽريٽ کان ايندڙ ٽريفڪ کي ڪچهري چوڪ کان آئوٽ فال روڊ سگيان طرف موڙيو پيو وڃي. ٻئي طرف پشاور ۽ راولپنڊي ۾ لڳايل مرڪزي جلوس پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندي اختتام پذير ٿي ويا آهن جڏهن ته ڪوئٽه سميت ٻين شهرن ۾ به يوم شهادت حضرت علي رضه جا جلوس ڪڍيا ويندا جيڪي پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندي پنهنجي آخري منزل تي اختتام پذير ٿيندا. هوڏانهن ڪمشنر ڪراچي طرفان يوم علي رضه جي موقعي تي شهر ۾ قلم 144 جي تحت موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائي وئي آهي. جڏهن ته يوم شهادت حضرت علي رضه جي موقعي تي سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا به بند رهندا. ٻئي طرف ڪوئٽه شهر ۾ جلوس جي سيڪيورٽي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ موبائل فون سروس به بند ڪئي وئي آهي.
