يونائيٽڊآئوٽ، ڪوئٽا، لاهور ۽ زلمي جو فيصلو اڄ ٿيندو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن جڏهن ته لاهور قلندرز، پشاور زلمي ۽ ڪوئٽا اڃا اگر مگر جو شڪار آهن. جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ ٽورنامنٽ کان ئي آئوٽ ٿي وئي آهي. اڄ ٿيندڙ ٻن ميچن بعد خبر پوندي ته سيمي فائنل ۾ ٽنهي ٽيمن مان ڪهڙيون 2 ٽيمون پهچن ٿيون. اڄ ملتان سلطانز ۽ لاهور قلندرز ۾ مقابلو ٿيندو جڏهن ته ڪراچي ڪنگز جو ڪوئٽا گليڊيئيٽرز سان مقابلو آهي. پوائنٽ ٽيبل تي ٽاپ تي ملتان سلطانز آهن جن 8 ميچز مان 5 کٽيون هڪ هارائي ۽ ٻه بارش جي نظر ٿي ويون سندن 12 پوائنٽ آهن. ٻئي نمبر تي ڪراچي آهي جن 8 ميچز کيڏيون 4 کٽيون ٽي هارايون ۽ هڪ بارش جي ور چڙهي وئي. ٽئين نمبر تي پشاور زلمي آهي جن 9 ميچز مان 4 کٽيون 4 هارايون ۽ هڪ بارش سبب برابر رهي هنن جا به 9 پوائنٽ آهن، چوٿين نمبر تي لاهور قلندرز آهن جن 9 کيڏيون، 4 کٽيون ۽ 5 هارايون آهن سندن 8 پوائنٽ آهن. پنجين نمبر تي اسلام آابد يونائيٽڊ آهي جن 9 ميچز مان 3 کٽيون 5 هارايون ۽ هڪ بارش جي ور چڙهي وئي هنن جون 7 پوائنٽ آهن. آخري نمبر تي دفاعي چيمپئن ڪوئٽا آهي جن 9 ميچز کيڏي 3 کٽيون ۽ 5 هارايون آهن ۽ هڪ ميچ بارش جي نظر ٿي وئي سندن 7 پوائنٽ آهن. پي ايس ايل فائيو م 6 ٽيمون هيون جن جا 34 ميچز هئا. جيڪي گهٽ ڪري هاڻي 33 ڪيون ويون آهن. 17 تي لاهور ۾ منجهند ۽ شام جو ٻئي سيمي فائنلز کيڏيون وينديون ۽ 18 تي فائنل ميچ شام 7 وڳي لاهور ۾ ئي ٿيندي. پهرين نمبر واري چوٿين نمبر ۽ ٻئي نمبر واري ٽيم ٽئين نمبر سان سيمي فائنل کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو