يونان ۾ مهاجرن جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 5 ڄڻا فوت، 40 لاپتا

يونان (ويب ڊيسڪ)يونان جي سامونڊي ڪناري تي مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 5 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي لاپتا ٿي ويا،پرڏيهي خابرو اداري موجب ڇنڇر ڏينهن ڏکڻ يوناني ٻيٽ ويجهو مهاجرن جي ٻيڙي ٻڏي وئي، يوناني ڪوسٽ گارڊ جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، 40 ڄڻا گم آهن ۽ 39 کي بچايو ويو آهي.خابرو اداري موجب ٻيڙي ۾ اڪثر پاڪستاني سوار هئا، ٻيڙي جي گم ٿيل مسافرن جي ڳولا لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي غير قانوني طور يورپ ويندڙ پاڪستانين جي فوتگي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.گهرو وزير محسن نقوي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا واقعي جي جاچ ڪري 5 ڏينهن اندر گهرو وزير کي رپورٽ پيش ڪندي.محسن نقوي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ ڏوهه آهي، مافيا گهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، ايف آءِ اي انساني اسمگلنگ مافيا خلاف ملڪ گير ڪارروائي ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو