يوٽيوب ۾ نئين تبديلي واهپيدارن کي بيزار ڪرڻ لڳي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)دنيا جي مقبول ترين وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب ۾ هڪ اهڙي تبديلي ڪئي پئي وڃي جيڪا اوهان کي بلڪل پسند نه ايندي. يوٽيوب ۾ ڊگهي عرصي کان واهپيدارن کي اشتهار ڏسڻ تي مجبور ڪرڻ لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي. 2023 جي شروعات ۾ يوٽيوب ۾ اهڙا اشتهار ڏيکارڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو هو جن کي اسڪيپ ڪرڻ ممڪن نه هو جڏهن ته ڊسمبر 2023 ۾ سمارٽ ٽيليويزن ( ٽي وي ) تي طويل اشتهار اچڻ لڳا. هاڻ يوٽيوب ۾ هڪ وڏي ڦيرڦار ڪئي پئي وڃي، نائين ٽو فائيو گوگل موجب، جيڪڏهن اوهان ٽي وي تي يوٽيوب استعمال ڪري رهيا آهيو ته وڊيوز کي روڪڻ يا پوز ڪرڻ تي به اوهان کي اشتهار نظر ايندا. ان تبديليءَ بابت هلندڙ سال جي شروع اشارو ڏنو ويو جنهن کي هاڻي باظابطا طور متعارف ڪرائڻ جو تياريون شروع ٿي ويون آهن. رپورٽ موجب، محدود واهپيدارن لاءِ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن اوهان وڊيو پوز ڪندا ته وڊيو فل اسڪرين بدران ننڍي ونڊو ۾ نظر ايندي جنهن جي ڀر ۾ اشتهار موجود هوندو ۽ ان جي هيٺان ڊسمس بٽڻ هوندو. في الحال اِهي اشتهار وڊيوز بدران تصويري شڪل ۾ نظر ايندا، ڪمپني پاران ان تبديلي جو مقصد وڌ کان وڌ ماڻهن کي يوٽيوب پريميئم جو رڪن بڻائڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو