يوٽيوب ۾ ٻه نوان فيچر متعارف

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)يوٽيوب نوان آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽولز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. نون ٽولز جو مقصد يوٽيوب وڊيوز ۾ اي آءِ ٽيڪنالوجي تي ٻڌل ماڻهن، آوازن ۽ موسيقيءَ جي سڃاڻپ ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. ڪمپني طرفان ڪانٽينٽ آءِ ڊي سسٽم کي اَپ گريڊ ڪيو ويو آهي ته جيئن اي آءِ سئنٿِڪ ( syntheic)آوازن ذريعي گيتن ۾ ڪئي ويندڙ ڀڃڪڙي جو پتو پئجي سگهي. اِهو فيچر اي آءِ گلوڪارن جي نقل ڪندڙ اي آءِ آوازن جي نشاندهي ڪري واهپيدارن کي الرٽ جاري ڪري ٿو، ان جو شروعاتي ورزن ايندڙ سال جاري ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ اِهو وڏي پئماني تي متعارف ڪرايو ويندو. يوٽيوب طرفان هڪ ٻيو اهڙو ٽول متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو وڊيوز ۾ نظر ايندڙ ڊيپ فيڪ چهرن جي نشاندهي ۾ مدد فراهم ڪندو. ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي اِهو پتو پئجي سگهندو ته سندن چهرن کي بنا اجازت اي آءِ ذريعي ٺاهي وڊيو ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. ان فيچر جو مقصد اهم شخصيتن ۽ فنڪارن کي وڊيو پليٽ فارم تي وڌيڪ ڪنٽرول فراهم ڪرڻ آهي. متاثر ماڻهو اهڙي قسم جي وڊيوز کي يوٽيوب تان هٽائڻ جي درخواست پليٽ فارم جي پرائيويسي ريڪوئسٽ پراسيس ذريعي ڪري سگهندا. ان کان اڳ ڪمپني طرفان اهڙي قسم جي وڊيوز تي اي آءِ يا ورغلائيندڙ فواد جو ليبل لڳايو ويندو هو پر هاڻ پاليسي کي وڌيڪ سخت ۽ بهتر بڻايو پيو وڃي. يوٽيوب جي ڪريٽير پراڊڪٽس شعبي جي نائب صدر امجد حنيف هڪ بلاگ پوسٽ ۾ چيو ته هو اي آءِ جي دور ۾ واهپيدارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو