يوڪرين پاران ايران سان لاڳاپا محدود ڪرڻ جو اعلان

ڪيف ( ويب ڊيسڪ ) ايران طرفان روس کي مبينا ڊرون فراهمي واري معاملي تي يوڪرين ايران سان لاڳاپا محدود ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.يوڪريني صدر زيلنسڪي روس کي ڊرون فراهم ڪرڻ واري ايراني فيصلي کي برائي سان سهڪار قرار ڏنو آهي.يوڪريني صدر دعويٰ ڪئي آهي ته ماسڪو سان ويڙهه ۾ هينئر تائين اٺ ايراني ڊرون تباهه ڪري چڪا آهيون.صدر زيلنسڪي ايراني ڊرونز جي استعمال تي پرڏيهي وزارت کي سخت ردعمل ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. يوڪريني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب غير دوستاڻن قدمن جي جواب ۾ ايران جي سفير جي ايڪريڊيشن ختم ڪرڻ ۽ ڪيف ۾ ايراني سفارتخاني جي عملي جو انگ گهٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻئي پاسي ايران روس کي ڊرون فراهم ڪرڻ وارن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.واضح رهي ته يوڪريني فوج گذريل ڏنهن اوڊيسا بندرگاهه ويجهو چار ايراني ڊرونز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو