يوڪرين 6 هزار ڪلوميٽر علائقي جو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو: صدر

ڪيف (ويب ڊيسڪ)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي دعويٰ ڪئي آهي ته روس سان جاري جنگ ۾ يوڪرين 6 هزار چورس ڪلوميٽر علائقي جو ٻيهر ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب يوڪرين جي صدر پنهنجي خطاب ۾ چيو آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ هن مهيني اوڀر ۽ ڏکڻ ۾ ڪيترائي علائقا حاصل ڪيا ويا.ان کان علاوه پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته يوڪرين اتر اوڀر خارڪيو علائقي ۾ اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن ۾ خارڪيو جا ايزيوم، ڪيپيانسک ۽ بلاڪيليا سميت ڪيترائي شهر شامل آهن.ٻئي طرف آمريڪي ٿنڪ ٽينڪ جو چوڻ آهي ته يوڪرين جنگ جو موڙ پنهنجي حق ۾ ڪري ڇڏيو آهي، يوڪرين جي تازي جوابي ڪارروائي سان جنگ ختم نه ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو