يو اي اي پاران مودي کي اعليٰ اعزاز، ڪشميرين جي زخم تي لوڻ

دبئي(م ڊ) گڏيل عرب امارات پاران ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي ملڪ جي سڀ کان وڏي سويلين ايوارڊ سان نوازي ڇڏيو آهي. عرب امارات طرفان ابوظهبي جي ولي عهد محمد بن زيد سڀ کان وڏو سويلين ايوارڊ زيد ميڊل ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پارايو، اهو ايوارڊ گڏيل عرب امارتن جي باني شيخ زيد بن سلطان النهيان جي نالي سان لاڳاپيل آهي. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي اهو ايوارڊ سندس خدمتن جي اعتراف جي طور تي ڏنو ويو جنهن جو هلندڙ سال اپريل ۾ اعلان ڪندي ولي عهد شيخ محمد بن زيد چيو هو ته ڀارت سان تاريخي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم آهن جن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ پياري دوست مودي جو وڏو هٿ آهي. هي ايوارڊ کيس ان وقت ڏنو ويو آهي جڏهن اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جنهن جو گڏيل عرب امارات به ميمبر آهي، ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جي مذمت ڪندي ڪسميرين جو قتل عام روڪڻ ءٌ فوري طور ڪرفيو هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته جڏهن سڄي دنيا ۾ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتي ظاهر ڪئي پئي وڃي، ان وقت مودي کي مسلمان ملڪ پاران اعليٰ اعزاز ڏيڻ ڪشميرين جي زخمن تي لڻ ٻرڪڻ ۽ پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي منهن تي هڪ چماٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو