يُو اي اِي ايٽمي بجلي پيدا ڪندڙ پهريون عرب ملڪ بڻجي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات پاران ايٽمي بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ عرب دنيا ۾ پهريون ايٽمي بجلي گهر تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. يُو اي ايِ جي ولي عهد شهزادي محمد بن زيد النهيان ان جو اعلان هڪ ٽوئيٽ ذريعي ڪيو آهي. هن چيو آهي ته هي اسانجي پائيدار ترقي جو منصوبو آهي، اسين وڏي فخر سان براڪه پاور پروجيڪٽ جي شروعات جو معائنو ڪيو آهي، هن منصوبي ۾ عالمي حفاظتي انتظامن تي عمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويو آهي.

Photo Twitter

ڏکڻ ڪوريا جي ٽيڪنالوجي تي ٻڌل هي منصوبو سمنڊ ڪناري قطر جي اوڀر ۾ قائم ڪيو ويو آهي. 4 ري ايڪٽرز مان هڪ ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. پروگرام موجب هي منصوبو 2017 ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر عالمي حفاظتي انتظامن سبب ان ۾ دير ٿي آهي. ياد رهي ته مريخ تي خلائي تحقيق لاءِ جاپان جي مدد سان مشن موڪلڻ وارو به يو اي اي دنيا جو پهريون ملڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو