ٻئي ٽيسٽ لاءِ پاڪ، آسٽريليا ٽيمون ڪراچي پهچي ويون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٻئي ٽيسٽ ميچ کيڏڻ لاءِ پاڪستان ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ڪراچي پهچي ويون آهن. وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي ۾ موجودگي ۽ پروٽوڪول سبب پاڪستاني ۽ آسٽريليا جون ٽيمون ايئرپورٽ کان هوٽل تائين نه پهچي سگهيون. ذريعن موجب وزيراعظم جي وي آءِ پي موومينٽ سبب سڪيورٽي ڪليئرنس حاصل نه ٿي سگهي ۽ ٻنهي ٽيمن کي ايئرپورٽ تي سيڪيورٽي ڪليئرنس حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ انتظار ڪرايو ويو. پي سي بي بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف جي ورچوئل پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪري ڇڏي، سندس ورچوئل پريس ڪانفرنس اڄ شام 5 وڳي ٿيڻي هئي. پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ پهرين ٽيسٽ ڊرا ٿي وئي هئي ٻئي ٽيسٽ ڪراچي ۾ 12 مارچ تي آخري ٽيسٽ 21 کان 25 تائين لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو