مانچسٽر(ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ٻئي ٽي ٽوئنٽي ۾ 5 وڪيٽن تان پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي. پهرين ميچ برسات سبب ڊرا ٿي هئي 3 ميچن جي سيريز جي آخري ميچ باقي آهي. انگلينڊ 3 ميچز جي ٽيسٽ سيريز ۾ اڳ ۾ ئي ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي. ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان جي بيٽنگ بهتر رهي پر بالنگ ڪمزور نظر آئي. ڪپتان مورگن جارحاڻي اننگ کيڏي 20 هين اوور جي پهرين بال تي ميچ کٽي ورتي. هو 33 بالن تي 66 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي ڪيچ ٿيو، هن 6 چوڪن 4 ڇڪا هنيا. ون ڊائون ڊيوڊ ملن به 6 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 36 بالن تي 54 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. اوپنر جوني بيئر اسٽوو 24 بالن تي 4 چوڪن ۽ ٻن ڇڪن جي مدد سان 44 رنز ٺاهي نمايان رهيو. ان کان اڳ پاڪستان بيٽنگ ڪندي 20 اوورز ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 195 رنز اسڪور ڪيون. بابر اعظم 7 چوڪن جي مدد سان 44 بالن تي 65 رنز ٺاهيون، فخر الزمان 5 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 22 بالن تي 36 رنز ٺاهيون، محمد حفيظ 5 چوڪن 4 ڇڪن جي مدد سان 36 بالن تي 69 رنز ٺاهي نمايان رهيو.
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار
پسند جي شادي جو مطالبو ڪندڙ قيد ڇوڪري بازياب، جوابدار گرفتار
9 مئي جي سزائن سان اميد جاڳي آهي، گورنر سنڌ
ڏکڻ آفريڪا ۾ 5.3 شدت جو زلزلو، پاڪستاني ٽيم جوهانسبرگ ۾ موجود
فراڊ ڪيس ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا گرفتاري وارنٽ جاري
جسٽن بيلڊوني تي جنسي هراسان ڪرڻ جو ڪيس داخل
سنڌيار ڪراچي 22 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 22 ڊسمبر 2024ع
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل