مانجهند(ن س) تعلقي هيڊ ڪواٽر شھر جي بجلي 12 هين ڏينهن به بحال نه ٿي سگهي جنهن سبب عوام شديد گرمين ۾ بي حال ٿي ويو. طوفان ۾ ڪريل بجلي جي پولن جي بحالي نه ٿيڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي. 3000 هزار روپيا ٽينڪرهئڻ سبب غريب پاڻي خريدڻ کان لاچار ٿي ويو. ٽينڪر مان بچيل پاڻي جي پويان ڪولر پاڻي جو ڀرڻ لا۽ شھري توڙي ٻارڙا ڊوڙن ٿا، جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ آبادي گندن دٻن مان بدبودار پاڻي ڀري واپرائڻ تي مجبور آهي. جنهب سبڀ پيٽ، چمڙي ۽ ڪاري ڪامڻ سميت خطرناڪ بيماريون ڦھلجي رهيون آهن. سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر انتظامي نااهلي سبب ٿر کان وڌيڪ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ لڳو. شھري روزگار سميت ڪم ڪار ڇڏي صبح کان شام تائين گڏهه گاڏن، موٽر سائيڪلن ۽ مٿي تي پاڻي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا، پاڻي اسڪيم هلائيندڙ پبلڪ هيلٿ عملدار ڪوٽڙي ۾ آفيس ٺاهي وڏي عرصي کان غائب ٿي ويا آهن، پمپنگ اسٽيشن بند آهن پر تيل جي مد ۾ ماهوار لکين روپين جا بل ٺاهي هڙپ ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته چونڊيل نمائندا ڊي سي ڄامشورو اي سي مختيارڪار ٽائون آفيسر سميت ڪوبه عملدار سار سنڀال لا۽ نه پهتو. مانجهند جي شھرين ديدار ميمڻ، يوسف عمراڻي، لياقت ملاح ۽ ٻين انتظاميا کان گهر ڪئي ته نااهل پبلڪ هيلٿ انتظاميا عملدارن کي هٽائي ايماندار عملو مقرر ڪري پيئڻ جي پاڻي جوبندوبست ڪيو وڃي.
پاڪستان مان پوليو وائرس جو خاتمو هڪ خواب بڻيل
آئيني بئنچ جي مدي ۾ 6 مهينا واڌ، جڊيشل ڪميشن رولز جي به منظوري
پوليو ٽيم تي حملي ۾ ملوث 6 جوابدارن جي ضمانت منظور
جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس جا 2 جوابدار اڊيالا جيل منتقل
پي ٽي آءِ قيدين کي ڏنل سزائون انصاف جي اصولن جي خلاف آهن
مدرسن رجسٽريشن بابت اتحاد تنظيم مدرسن جا مطالبا منظور
آفيسر کي ترقي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم،غور جي هدايت
راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا
انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين
بلوچستان، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 48 ٽريفڪ حادثا
باصلاحيت نوجوانن کي 50 هزار نوڪريون به نه پيون ملن
47 سيڪڙو ٽيڪس عوام جي مفادن تي خرچ ٿيندو نظر نٿو اچي، سروي
پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ ٽيون ۽ آخري ون ڊي ميچ سڀاڻي ٿيندو
ڀارت مان اسلام آباد پهچندڙ فرانسيسي شهري وٽان منشيات هٿ
ڪاميڊي نائٽس ود ڪپل ۾ ڪم ڪرڻ زندگي جي وڏي غلطي هئي
9 مئي سانحي ۾ ملوث 25 ڏوهارين کي 10 سال قيد بامشقت سزا
بشرا بي بي جي 32 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت منظور
ڪرم ۾ بنڪر ڪيرائڻ ۽ هٿيار جمع بعد رستا کوليا ويندا: سيف
جڊيشل ڪميشن جي اجلاس کان اڳ جسٽس منصور جو ٻيو خط
سرجاني ۾ پوليو ورڪر جي سامهون ننگي حالت ۾ ايندڙ شخص گرفتار