اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ملڪ ۾ ٻارڙن لاءِ عدالتون قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عدليه کي ٻارڙن جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو، ٻارڙن جي بهتر مستقبل لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تڪرارن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ ٻارڙا وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار آهن. اسلام آباد ۾ ٻارن جي انصاف بابت تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻارن جي حقن جو عدليا کي احساس آهي، ٻارڙا نه رڳو سندن مستقبل آهن پر سندن حال به آهن، ٻار سڀاڻي جا ماڻهو نه پر اڄ جا ماڻهو آهن، ٻار الله جو تحفو آهن. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ ٻارڙن لاءِ عدالتون قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، عدليه کي ٻارڙن جي حقن جو تحفظ ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻارڙن جي بهتر مستقبل لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، تڪرارن جي ور چڙهيل ملڪن ۾ ٻارڙا وڌيڪ ڏکيائين جو شڪار آهن. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ٻار اڄ سائبر بلنگ جهڙن خطرن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ملڪ ۾ 25 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول نه پيا وڃن، اسپيشل چائلڊ بابت سندن وٽ سهولتون موجود ناهن. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هو ججن کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ٻارن لاءِ انصاف ڪيترو اهم آهي، هو ٻارن سان ڪڏهن مشورو ناهن ڪندا پاڻ پنهنجي مرضي سان ڪوبه فيصلو ڪندا آهن، مهرباني ڪري ٻارن کي ٻڌو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه چيو ته چائلڊ ليبر ۽ چائلڊ ٽريفڪنگ ملڪ ۾ وڏو مسئلو آهي، عدليا کي ٻارن کي به فيصلا ڪرڻ جي عمل ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
عورتن جا ﺣﻖ
سنڌيار ڪراچي 12 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار سکر 12 ڊسمبر 2024ع
رابطا بحال، ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي اتفاق
چئن مهينن ۾ گيس ساڍا 800 سيڪڙو مهانگي ٿيڻ جو انڪشاف
شام جا ڪهڙا علائقا ڪهڙي گروپ جي قبضي ۾ آهن؟
ڏاج جي آڙ ۾ مارٽر۽ راڪيٽس جي اسمگلنگ ناڪام، زال ۽ مڙس گرفتار
’سنڌوءَ جي پاڻي تي ڌاڙي بابت پ پ جو ٻٽو معيار آهي‘
سنڌ بزرگ شهرين کي سهولتون فراهم ڪندڙ پهريون صوبو
سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي وارڊن جي اپ گريڊيشن جو فيصلو
صنفي بنياد تي تشدد جي وڌندڙ واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺهراءُ پيش
چمبڙ ڀرسان باهه لڳڻ سبب پورهيتن جا 40 گهر سڙي ويا
پي ٽي آءِ چيئرمين جو 9 مئي واقعن تي ڪميشن ٺاهڻ جو مطالبو
9 مئي حملا: نيازي جي ڀيڻ ڏوهي ۽ 8 ڪارڪن بي ڏوهه قرار
لاهور هاءِ ڪورٽ جو پنجاب ۾ ڪتا مار مهم روڪڻ جو حڪم
آپگهاتي حملو: طالبان وزير خليل الرحمان حقاني مارجي ويو
مدرسا تعليم واري وزارت وٽ رجسٽرڊ ڪرائڻ اسان جو حق آهي
جانورن ۾ گهوگهي بيماري پکڙڻ لڳي،اٺ ڍور مري ويا
سپريم ڪورٽ فون ٽيپنگ جي قانون کي مبهم قرار ڏئي ڇڏيو
اسرائيلي فوج پاران بفرزون ۾ وڌڻ جو سلسلو جاري،علائقن تي قبضو