اسلام آباد(بيورو رپورٽ) خيبر پختونخوا ۾ ٻن ڌار ڌار مقابلن دوران ٻه فوجي جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته 9 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، ڇنڇر تي فوج جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻئي آپريشن انٽيليجنس بيسڊ هئا جيڪي جمعي ۽ ڇنڇر تي ڪيا ويا. پهرئين مقابلي ۾، سيڪيورٽي فورسز محمد ضلعي ۾ هڪ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران فوجين دهشتگردن جي ٺڪاڻي تي ڪامياب ڪاروائي ڪري 7 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. جنهن ۾ 2 جوان شهيد ٿي ويا. جن ۾ مالاڪنڊ ضلعي جو حوالدار محمد زاهد (37 ورهين جو) ۽ چترال ضلعي جو سپاهي آفتاب علي شاهه (26 ورهين جو) “دليريءَ سان وڙهندي” شديد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران “شهادت جو بلند مقام حاصل ڪيو”. هڪ ٻئي مقابلي ۾، جيڪو ڊيره اسماعيل خان ضلعي جي عام علائقي مدي ۾ ٿيو، تنهن ۾فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ٻن دهشتگردن کي ماريو ويو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو، جيڪي ڪيترن ئي دهشتگرداڻين سرگرمين ۾ ملوث هئا. ڄاڻايل علائقي ۾ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. “پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي ناسور کي مڪمل طور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن،”.
