ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪندي چيو ته سهراب ڳوٺ پوليس اسٽيشن جي حدن مان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار شهري فضل ۽ محراب کي گهر مان کنڀي موبائل فون ۽ ٻيو گهر جو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي ويا. وڪيل جو چوڻ هو ته درخواست ڏيندڙ کي 8 موبائل فون واپس ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته موبائل فون ڪيئن واپس ڪيا ويا؟عدالت کي جواب ڏيندي جاچ آفيسر ٻڌايو ته موبائل فون سب انسپيڪٽر عرفان رشيد واپس ڪيا آهن، گم ٿيل شهري محراب تي ڦر جو ڪيس داخل آهي. عدالت حڪم ڏيندي چيو ته افغان شهري محراب کي فوري طور گرفتار ڪري ايندڙ ٻڌڻي تي سب انسپيڪٽر عرفان رشيد کي پيش ڪيو وڃي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.
پيڪا ايڪٽ ترميمي بل پيش،ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا
حڪومت کي لکت ۾ مطالبا ڏئي ڇڏيا آهن
افغانستان کان پاڪستان هٿيار سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام
اوڳاهي ۽ نصيراڻي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل
زرداري اقتدار خاطر سنڌو درياءَ تي ڪئنال اڏڻ جي منظوري ڏني،مگسي
سميتا افضال سيد جو جناح اسپتال سائبر نائف ڊپارٽمينٽ جو دورو
وڏي وزير سان اي سيز جي ملاقات،سول سروس ۾ مهارت کپي،شاهه
ايف بي آر کي 1010 گاڏين جي خريداري روڪڻ جي هدايت
جسٽس (ر) فقير محمد گم ٿيل شهرين واري ڪميشن جو سربراهه مقرر
صدر آصف علي زرداري ايندڙ مهيني چين جو دورو ڪندو
ڪنب ويجهو مبينا پوليس مقابلو، هڪ ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار
ميان صاحب ۾ ڪارنهن الزام هيٺ زال مڙس هٿان قتل، جوابدار فرار
گهوٽڪي پوليس ڪراچي مان چوري ڪندڙ جوابدار
زراعت جي شعبي ۾ تربيت لاءِ شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪلبو
ٻن افغان شهرين جي گم ٿيڻ بابت درخواست تي اڳڀرائي رپورٽ طلب
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمعي تي سڏائڻ فيصلو
سنڌ لاءِ پاڻي جو مسئلو اڄ کان نه پر هميشه کان رهيو آهي
اختيارين واري ڪيس جو تعلق 26 ترميم سان ناهي، ڪير پاڻ ڊڄي ٿو الڳ ڳالهه آهي
گھر ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ قرض جي بار مان نجات حاصل ڪرڻ مشڪل آهي
بلوچستان مامرن جي حل لاءِ قومي ڪانفرنس گهرائڻ گهرجي