ٻن سالن کانپوءِ پهرين ٽيسٽ کيڏندڙ معين علي تي ڏنڊ لاڳو

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)ٻن سالن بعد انگلينڊ لاءِ پهريون ٽيسٽ کيڏندڙ آل رائونڊر معين علي تي آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڏنڊ لڳايو ويو.آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معين علي ڪرڪيٽ ڪائونسل جي رانديگرن جي ضابطن جي 2.20 جي ڀڃڪڙي جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي جنهن تي مٿس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ لڳايو ويو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته معين علي کي آءِ سي سي ضابطه اخلاق جي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ پڻ ڏنو ويو آهي.ايجبسٽن ۾ جاري ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ دوران آسٽريليا جي اننگز جي 89 هين اوور ۾ بائونڊري لائين تي فيلڊنگ ڪندي معين علي کي بالر جي هٿ تي ڪا شيءِ لڳائيندي ڏٺو ويو.آءِ سي سي موجب معين علي به ميچ ريفري جي پابندي کي قبول ڪري ورتو جنهن سبب معاملي جي وڌيڪ ٻڌڻي جي ضرورت ناهي.ميچ ريفري طرفان ٻڌايو ويو آهي ته معين علي هٿ خشڪ ڪرڻ لاءِ ڪريم جو استعمال ڪيو. ڪريم کي بال تي استعمال نه ڪيو ويو هو، تنهنڪري اهو بال جي شڪل کي تبديل نه ڪيو. آئي سي سي ضابطه اخلاق جو آرٽيڪل 43.1 بال ٽيمپرنگ جي ڏوهن تي لاڳو ٿئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو