ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ صوبي ۾ ڏوھارين خلاف جوڳين ڪاررواين تي سنڌ پوليس جي تعريف ڪندي چيو آھي ته پھرين مارچ کان 15 مارچ 2025 تائين، ٻن هفتن ۾ سنڌ پوليس 143 مقابلا ڪيا، 283 ڏوھارين کي گرفتار ڪيو، 68 گينگس جو خاتمو آندو ويو، ڪاررواين ۾ 18 بدنام ڏوھاري مارجي ويا، 1,706 ڏوھارين ۽ 27 پاٿاريدارن کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ پوليس 592 اشتهاري ڏوھارين ۽ 1,471 روپوش جوابدارن کي ڪاميابي سان گرفتار ڪيوآھي. هن چيو ته شڪارپور جي ڪچي ۾، پوليس ٻن ھٿان ٻھ ڌاڙيل مارجي ويا، ۽ ڌاڙيلن جا پنج ٺڪاڻا ڊاھي پٽ ڪيا ويا، ڏوھارين جي استعمال ۾ ڪشمور جي ڪچي ۾ 20 ٺڪاڻا ۽ گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ٻه ٺڪاڻا داھي پٽ ڪيا ويا، اسٽريٽ ڪرائم خلاف ڪارروائيون ۾ 11 ڏوھاري مارجي ويا، 1,355 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس جي ڪاررواين شڪارپور، ڪشمور ۽ گهوٽڪي ۾ ڏھارين کي واضح طور تي ڪمزور ڪيو آهي. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پوليسنگ جي جارحاڻي حڪمت عملي صوبي ۾ ڏوھاري سرگرمين کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ سرڪار پوري ريت پُرعزم آهي ته ڪو به ڏوھاري انصاف کان بچي نه سگھي. سنڌ ۾ ڏوھن توري ڏوھارين جي جي ڪا جاءِ ناهي، سنڌ ڏوھن کان پاڪ ۽ هڪ پرامن ۽ خوشحال صوبو بڻجي رھيو آهي. هن چيو ته عوام پوليس سان سھڪار ڪري، سنڌ سرڪار پنهنجي شهرين لاءِ سنڌ کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي، جيڪي ڏوھاري سالن کان انصاف کان بچي رهيا هئا، هاڻ جيل جي سلاخن جي پٺيان آهن، عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ اسان جي پھرين اوليت آهي، ڪو به قانون کان مٿانھون ناهي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار اسٽريٽ ڪرائم جي لعنت جي خاتمي لاءِ پنهنجون اڻٿڪ ڪوششون جاري رکندي، سنڌ جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهندڙ ڪنهن به عنصر کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي پوليس فورس سرگرم طور تي ڏوھاري نيٽ ورڪس کي ختم ڪري رهي آهي، آخري ڏوھاري کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ تائين اسان سُک جو ساھھ نھ کڻنداسين، روڊن رستن، شاهراهن ۽ ٻھراڙي وارن علائقن کي پرامن ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ سنڌ سرڪار طرفان سمورا ممڪن قدم کنيا پيا وڃن.
