ٻوڏ جي نالي سنڌ ۾ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ٻوڏ جي نالي تي جعلي بلن ذريعي قومي خزاني کي اربين رپين جو نقصان پهچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.آر بي او ڊي جي تعمير ۾ ڪرپشن جي جاچ اينٽي ڪرپشن پاران نيب کي ڏني وئي، ان منصوبي جي تعمير ۾ 3 ارب 52 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي ڪرپشن جو انڪشاف ٿيو آهي.جنهن تي نيب پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٺيڪيدار سميت 41 جوابدارن خلاف احتساب عدالت حيدرآباد ۾ ريفرنس داخل ڪيو.نيب جو چوڻ آهي ته جوابدارن جعلي بلز ٺاهي قومي خزاني کي نقصان پهچايو، ريفرنس ۾ سرڪاري آفيسر، سندن خاندان ۽ فرنٽ مين جا نالا به شامل آهن.ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته ٺيڪيدار فهيم سومرو کي بغير ڪنهن ڪم جي غير قانوني ادائيگيون ڪيون ويون. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر منور بوزدار جعلي بل پاس ڪري رقم گڏ ڪئي جڏهن ته سپرنٽينڊنٽ انجنيئر وقار احمد اختيار جو غلط استعمال ڪيو.ريفرنس ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن ڪم جي 10 ٺيڪيدارن کي پئسا ڏئي ڪميشن حاصل ڪئي وئي ۽ جوابدار فهيم سومرو پلي بارگين ڪري 46 لک رپيا قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا.

پهنجو تبصرو موڪليو