ٻوڏ موسمي تبديليءَ جي تباهيءَ جو مظهر آهي، مسعود خان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ تازيون ٻوڏون موسمياتي تبديلين جي تباهي جو مظهر آهن.صحافين سان ڳالهائيندي مسعود خان چيو ته موسمياتي تبديلين جا تباهه ڪندڙ اثر دنيا جي قومن لاءِ سنگين خطرا آهن.پاڪستان جي سفير چيو ته اڄ پاڪستان موسمياتي تبديلين کان متاثر ٿي رهيو آهي، سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ به متاثر ٿيندو.هن چيو ته آلودگي ڪندڙ گئسن جي اخراج کي گهٽائڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي.مسعود خان چيو ته پاڪستان ۾ 5.5 ملين هيڪٽر زرعي زمين متاثر ٿي آهي، متاثر زرعي زمين سبب فوڊ سيڪيورٽي کي سخت خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو