ٻيهر ڳڻپ لاءِ نتيجا مرتب ٿيڻ کان اڳ درخواست ڏيڻ لازمي قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اين اي 97 فيصل آباد ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت درخواست رد ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي جسٽس نعيم اختر افغان فيصلو لکيو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ٻيهر ڳڻپ لاءِ نتيجا اچڻ کان اڳ ريٽرننگ آفيسر (آر او) کي درخواست داخل ڪرڻي پوندي.لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو ته درخواستگذار اهو ظاهر نه ڪري سگهيا ته انهن اهڙي ڪا درخواست بروقت داخل ڪئي هئي. اين اي 97 جو ڪيس 12 آگسٽ تي ٽنهي حلقن ۾ ٻڌايل ڪيس کان مختلف آهي، عدالت فيصلو ڏنو ته علي گوهر جي اين اي 97 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو