ڪولڪتا ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي 28 هين ميچ ۾ نيڌرلينڊز، بنگلاديش کي 87 رنسن تي هارائي ڇڏيو. نيڌرلينڊز، بنگلاديش کي کٽڻ لاءِ 230 رنسن جي جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم جو ڪو به بيٽر ڊِچ بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ سموري ٽيم 43 هين اوور ۾ 142 رنسن تي ڍير ٿي وئي. بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز 35 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، محمد الله ۽ مستفيض الرحمان 20،20 رنسون ٺاهيون. نيڌرلينڊز طرفان پائول وين ميڪرين چار، بيس ڊي ليڊا ٻه، آريان دت، لوگن وين بيڪ ۽ ڪولن ايڪرمن، هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. ان ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊن ڪرڪيٽ اسٽيڊيم۾ نيڌرلينڊز ڪپتان اسڪائوٽ ايڊروڊز ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. نيڌرلينڊز پهريان کيڏندي مقرر 50 اوورن ۾ 229 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ڊِچ ٽيم جي ڪپتان اسڪائوٽ ايڊورڊز 68 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، ان کانسواءِ ويزلي بريسي 41 ۽ سائيبرانڊ 35 رنسون ٺاهيون. بنگلاديش طرفان مستفيض الرحمان، شريف السلام، مهدي حسن ۽ تسڪين احمد ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. شاندار بالنگ تي وين پائول ميڪرين کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
وڏن شهرن کان وڌيڪ ننڍن شهرن جو اوچو تعليمي معيار
واٽر ڪارپوريشن پاران شهر ۾ پاڻي جي مڪمل بحالي جي دعويٰ
عمران خان ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ملتوي
سنڌ حڪومت پاران مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ جو فيصلو
پاڪ فوج فتنا الخوارج، ان جي سهولتڪارن کي شڪست ڏيندي، آرمي چيف
نو مئي سانحي جي ماسٽر کي به سزا ملندي; عطا تارڙ
نقوي جو عوامي مرڪز ۽ نادرا سينٽر ڊفينس جو دورو
بلاول جي ڪي پي ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ تي حملي جي مذمت
وزيراعظم پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي
مهانگي ۽ سولر استعمال سبب بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي
مروت پارن پارٽي کي سول نافرماني واري تحريڪ ملتوي ڪرڻ جي تجويز
پي ٽي آءِ پاران حڪومتي ڳالهين واري ڪميٽي جي قيام جي آجيان
سياسي عدم استحڪام ختم ٿيڻ گهرجي: اياز صادق
حڪومت سنجيده ناهي، سڀاڻي کان سول نافرماني جي تحريڪ شروع ٿيندي
صدر پاران چيڪ پوسٽ تي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت
ڪميٽي عمران جي آزادي ڳالهين جي ايجنڊا تي ناهي: عقيل ملڪ
علي امين خلاف پنجاب ۾ 56 ڪيس داخل،تفصيل پڌري
ڊفينس مان بزرگ شهرين بازياب، مقابلي ۾ 2 اغواڪار مارجي ويا
رحيم يار خان پوليس جي ڪارروائي، 2 مغوي بازياب
يونان ۾ ٻيڙي حادثي جو مک جوابدار گرفتار