ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار، رپورٽ طلب

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف يونان ۾ ٻيٽ ڀرسان ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا ۽ سونهري خواب ڏيکاري انهن کان پئسا ڦريندو آهي.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل هڪ بيان موجب هن چيو ته انساني اسمگلنگ هڪ انڌوناڪ ڏوهه آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو فوت ٿي وڃن ٿا ۽ هر سال ڪيترائي گهر تباهه ٿي ويندا آهن. وزيراعظم چيو ته انساني اسمگلر هڪ اهڙي ظالم مافيا آهي جيڪا غريب عوام کي ڪوڙا ۽ سونهري خواب ڏيکاري انهن کان پئسا ڦريندي آهي.وزيراعظم گهرو وزير محسن نقوي کي واقعي جي انڪوائري بابت رپورٽ جلد کان جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته اهڙن ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وڃي ۽ انهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن اهي اهڙي ڪُڌي فعل کي ٻيهر نه ورجائين اهڙن واقعن جي مستقبل ۾ تدارڪ جي لاءِ پڪا قدم کنيا وڃن.ياد رهي ته گذريل ڏينهن يونان جي ڏاکڻي ٻيٽ گيودوس ۾ پناهگيرن کي کڻي ويندڙ ڪاٺ جي ٺهيل هڪ ٻيڙي ٻڏڻ سبب 5 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته فوتين ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو.يونان جي ڪوسٽ گارڊ چيو ته هينئر تائين 39 ماڻهن کي ريسڪيو ويو ويو آهي جن مان اڪثريت پاڪستانين جي آهي جن کي ٻئي ٻيٽ ڪريٽي منتقل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو