ٻي ايشز ٽيسٽ، انگلينڊ 4 وڪيٽن تي 278 رنسون

ميلبورين (ويب ڊيسڪ)ايشز سيريز جي ٻي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريلوي ٽيم 416 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، اسٽيون سمٿ 110 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.انگلينڊ طرفان رابنسن ۽ جوش ٽنگ 3-3 وڪيٽون ورتيون.جوابي اننگز ۾ انگلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهيون، بين ڊڪٽٽ 98 رنسن جي اننگز کيڏي، انگلينڊ اڃا تائين 138 رنسن جي خساري کي منهن ڏئي رهيو آهي.ايشز سيريز جي ٻئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن آسٽريليا پنهنجي نامڪمل اننگز کي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 339 رنسن تائين وڌايو.مچل اسٽارڪ 6 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، اسٽيو سمٿ جو اسڪور هڪ طرف کان جاري رهيو، هن ڪيريئر جي 32 هين سينچري اسڪور ڪئي، هو 110 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.ناٿن لائن 7 ۽ جوش هيزل ووڊ 4 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا، ڪپتان پيٽ ڪمنز 22 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.آسٽريليا جي ٽيم 416 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جوش ٽنگ 3 ۽ اولي رابنسن 3 وڪيٽون ورتيون.انگلش اوپنر پهرين وڪيٽ 91 رنسن تي ڪري ٽيم کي سٺي شروعات ڏني جڏهن ته زيڪ ڪرولي 48 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، بين ڊڪٽ 98 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.اولي پاپ 42 ۽ جوروٽ 10 رنسون ٺاهي پويلين موٽيا، هيري بروڪ 45 ۽ ڪپتان بين اسٽوڪس 17 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا.ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي انگلينڊ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهي ورتيون جڏهن ته 138 رنسن جو خسارو باقي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو