ٻي ون ڊي ميچ ۾ افغانستان کي سريلنڪا هٿان شڪست

ٻي ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا افغانستان کي آساني سان 132 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ٽن ميچن جي سيريز هڪ هڪ تان برابر آهي، آخري ون ڊي اربع تي کيڏي ويندي.همبنٽوٽا ۾ هوم ٽيم جي ٽاپ آرڊر شاندار بيٽنگ ڪئي، اوپنر نسانڪا 43 ۽ ڪرونا رتني 52 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪوشل مينڊس 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، ان کان پوءِ سمارا وڪراما به 44 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ٻين رانديگرن 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 323 رنسون ٺاهيون.جواب ۾ افغانستان جي بيٽنگ لائين شروع ۾ ئي خراب ٿي وئي، رحمان الله 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. ابراهيم زدران 54 رنسن جي اننگز کيڏي. رحمت شاهه 36 ۽ ڪپتان حشمت الله 57 رنسون ٺاهيون.ان کانپوءِ ڪو به بيٽسمين پراعتماديءَ سان کيڏي نه سگهيو ۽ پوري افغان ٽيم 191 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.سريلنڪا ميچ 132 رنسن تان کٽي سيريز هڪ هڪ تان برابر ڪري ورتي. ٽين ۽ فيصلو ڪندڙ ميچ اربع تي کيڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو