ٽئي ميچون هٿ ۾ هيون پر ختم نه ڪري سگهياسين:عماد وسيم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان عماد وسيم چيو آهي ته ٽي ميچ هٿ ۾ هئا پر ختم نه ٿي سگهيا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عماد وسيم چيو ته شروعات ۾ اسان سٺي بالنگ ڪئي پر آخر ۾ اها سٺي نه رهي، اسان کي جيڪو ٽارگيٽ مليو اهو حاصل ڪرڻ گهرجي ها.هن چيو ته اسان جي ٽيم فنشنگ نه ڪري سگهي آهي، فنشنگ جو مسئلو آهي، سٺي کيڏندي وڪيٽون وڃائي ويٺيون آهن.عماد وسيم وڌيڪ چيو ته فاسٽ بالر ۾ جارحيت آهي، جيڪڏهن ڪجهه غلط ڪري ها ته ريفري عامر تي ڏنڊ وجهي ها، عامر وٽ ڪو به فاسٽ بالر ناهي جيڪو وڪيٽون وٺي سگهي.هن چيو ته رانديگرن کي مضبوط ارادن جو مظاهرو ڪرڻو پوندو، ڪوشش ڪنداسين ته هن شڪست کي وساري سڀاڻي سٺو کيڏنداسين، مارٽن گپٽل جي اننگز تمام سٺي هئي.ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان اهو به چيو ته ٽي 20 ۾ سٺي شروعات کانپوءِ سٺي پڄاڻي ڪرڻ ضروري آهي، اسان خراب ڪرڪيٽ ناهي کيڏي، تمام ويجهو ميچون هيون.هن چيو ته شعيب ملڪ بهترين کيڏيو، پاڪستان ۾ هن جهڙو ڪو به مڊل آرڊر بيٽسمين ناهي، مان بابر بابت ڳالهائڻ نٿو چاهيان، منهنجو فوڪس منهنجي ٽيم آهي.عماد وسيم جو چوڻ هو ته هڪ ڀيرو فتح ملندي ئي شڪست مان اڳتي وڌنداسين، ميچ کٽڻ سان سڀني جو اعتماد بحال ٿيندو، مون کي يقين آهي ته واپسي ڪنداسين.هن چيو ته ٽيم ۾ سڀ ميچ ونر آهن، ڪمبينيشن ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان کي ويهڻو پوندو ته ڪهڙي ڪمبيشن سان هلڻو آهي.ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان چيو ته اسان ٻه ميچون بالنگ ۽ هڪ بيٽنگ سبب هارايون، جيڪڏهن اسان سٺي ڪرڪيٽ کيڏينداسين ته به پلي آف لاءِ ڪواليفائي ڪري سگهون ٿا.هن چيو ته هاڻي ڏسنداسين ته لاهور خلاف ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، هن وقت تائين اسان جي حڪمت عملي ناڪام ٿي آهي، هر ميچ ۾ ٽيم فتح جي ڪوشش ڪندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو