ٽائون ڪاميٽي آفيس مان در، دريون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري،انتظاميه ستل

دڙو (ن سنڌ يار) دڙو جي ٽائون ڪاميٽي آفيس مان نامعلوم چور در، دريون ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري فرار، پرائمري اسڪول اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل چوري، وارڌاتن جو تعداد 2 ٿي ويو، تفصيل موجب نامعلوم چور ٽائون ڪاميٽي دڙو جي عمارت مان قيمتي در، دريون، گارڊر، ٽيئير ۽ لوھ چوري ڪري ويا آھن، جڏھن تہ چورن ڏينھن ڏٺي پرائمري اسڪول اڳيان بيٺل پورھيت شھباز ملاح جي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا، ٿيل چورين جو تعداد 2 ٿي ويو آھي، دڙو جي شھرين طرفان ٽائون آفيس مان در دريون ۽ ٻيو سامان چوري ٿيڻ تي ڳڻتي ظاھر ڪئي آھي، جڏھن تہ ڪجھ ذريعن کان معلوم ٿيو آھي، تہ ٽائون آفيس جي بلڊينگ تي ڪجھ قبضا مافيا سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي نظر آھي، ٿي سگھي ٿو تہ ٽائون آفيس ھٿرادو چوري ڪري بعد ۾ ان تي قبضو ڪيو وڃي، شھرين مطالبو ڪيو آھي تہ رات پيٽ ۾ آفيس مان در دريون لوھي ٽيئير گارڊر ۽ ٻيو سامان ڪڍي وڪرو ڪيو آھي، فوري طور تي جانچ ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو