ٽاس کٽڻ بعد آسٽريليا جي بيٽنگ ، شاهين جو بريڪ ٿرو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ ٽن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جي آخري ميچ لاهور ۾ کيڏي پئي وڃي. مهمان ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. شاهين آفريدي 7 رنسون ٺاهيندڙ ڊيوڊ وارنر کي ايل بي ڊبليو ڪري ۽ لبوشن کي زيرو تي رضوان هٿان ڪيچ ڪرائي 15 جي مجموعي اسڪور تي 2 وڪيٽون وٺي خطري جي گهنٽي وڄائي. اڳ ۾ راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ کيڏيل ٻئي ٽيسٽ بنا نتيجي ختم ٿيون. ٻنهي ٽيمن جي ڀرپور ڪوشش آهي ته آخري ٽيسٽ کٽي سيريز ۾ ڪاميابي حاصل ڪجي. پاڪستاني ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي، فهيم اشرف جي جاءِ تي نسيم شاهه کي موقعو ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو