ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ)نيوزي لينڊ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان ٽام ليٿم هٿ جي زخم سبب پاڪستان خلاف ون ڊي سيريز مان ٻاهر ٿي ويو آهي.نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ٽام ليٿم جو ساڄو هٿ نيٽ پريڪٽس دوران بال لڳڻ سبب فريڪچر ٿي ويو آهي.نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ٽام ليٿم جي جاءِ تي هينري نڪولس کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽي 20 سيريز جي ڪپتاني ڪندڙ مائيڪل بريس ويل ڪپتان طور جاري رهندو.نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ بورڊ موجب، ول ينگ صرف پهرين ون ڊي ميچ ۾ موجود هوندو. هو پنهنجي ٻار جي پيدائش جي ڪري باقي ميچ نه کيڏندو. وِل ينگ جي جاءِ تي رحيز ماريو کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.ياد رهي ته پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ وچ ۾ پهريون ون ڊي ميچ 29 مارچ تي نيپئر ۾ کيڏيو ويندو.
