ٽانڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه جي ضلعي ٽانڪ ۾ ڪارروائي ڪندي 3 خارجين کي ماري ڇڏيو. آءِ ايس پي آر موجب 8 مارچ تي سيڪيورٽي فورسز ٽانڪ ۾ خارجين جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ 3 خارجي مارجي ويا، انهن جي قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ٿيو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا، جڏهن ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو