ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)عوام کي اضافي ڀاڙن کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت اهم فيصلو ڪندي عيد الفطر جي موقعي تي ٽرانسپورٽ آفيسرن جون موڪلون رد ڪري ڇڏيون آهن.سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اضافي ڀاڙن جي وصولي خلاف مهم جي سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي سڀني آفيسرن ۽ عملي جون عيد جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عيد الفطر جي موقعي تي عوام کي سفري سهولتن ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿئي ۽ اضافي ڀاڙن جي وصولي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سگهجي.هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عيد دوران اضافي ڀاڙا وٺڻ جون شڪايتون عام ھونديون آهن، ڪنهن به شهري کي اضافي ڀاڙو نه ڏيڻ گهرجي، سڄي صوبي ۾ ٽرانسپورٽ آفيسر عوام جي سهولت لاءِ پنهنجون ذميواريون نڀائيندا.هن چيو ته سنڌ ٽرانسپورٽ اٿارٽي ۽ آر ٽي اي/ڊي آر ٽي اي جا سڀئي آفيسر ۽ عملدار عيد جي موڪلن دوران عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ موجود هوندا. سنڌ حڪومت ته وڌيڪ ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سخت ڪارروائي جون خاص هدايتون جاري ڪيون آهن.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته عوام کي اضافي ڪرائي ڏيڻ بدران فوري طور تي شڪايت درج ڪرائڻ گهرجي ته جيئن حڪومت فوري طور ڪارروائي ڪري سگهي. سنڌ سرڪار عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ ڪنهن کي به غير قانوني طور تي منافعو ڪمائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
