ٽرمپ تعليم کاتي کي بند ڪرڻ جي حڪم تي صحيح ڪري ڇڏي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تعليم کاتي کي بند ڪرڻ جي حڪم تي صحيح ڪئي. هن چيو ته اسڪولن جو تعليمي معيار تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي، ۽ تعليم کاتي کي بند ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اسڪول جي شاگردن کي بنيادي رياضي به نه ايندي آهي، تعليم کاتي وٽ وڏيون عمارتون آهن پر تعليم ناهي. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته رياستون اسڪول جا معاملا پاڻ سنڀالينديون، ۽ رياستي گورنر تعليم کاتي کي بند ڪرڻ تي خوش آهن. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته يوڪرين سان معدنيات تي آمريڪي معاهدو تمام جلد طئي ٿيندو، ۽ هن معدنيات جي آمريڪي پيداوار وڌائڻ لاءِ هڪ فرمان تي صحيحون ڪيون

پهنجو تبصرو موڪليو