ٽرمپ غيرقانوني پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ تياري ڪري ورتي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊونلڊ ٽرمپ غيرقانوني طريقي سان آيل پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ ملڪ ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي. هڪ بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته امريڪي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي پيماني تي ماڻهن کي ڊيپورٽ ڪرڻ لاءِ هو فوجي اثاثا استعمال ڪندو. ڊونلڊ ٽرمپ چونڊ مهم دوران بار بار چيو هو ته هو سمورن غيرقانوني طريقي سان آيل پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪندو. هن اهو به اشارو ڏنو ته سڀ کان پهريان انهن غيرقانوني پناهگيرن کي ملڪ بدر ڪيو ويندو جيڪي ڪنهن به ڏوهه ۾ ملوث هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو