ٽرمپ پاران ٻيهر ڪئينيڊا کي آمريڪي رياست ٺاهڻ جي خواهش ظاهر

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪينيڊا کي آمريڪا جي 51 هين رياست بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي.ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ان صورت ۾ ڪئناڊا کي بهتر فوجي تحفظ حاصل هوندو ۽ ان تي ڪو به محصول نه هوندو. صدر ٽرمپ چيو ته ڪينيڊا کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ناهي، اسان ڪينيڊا کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ سوين ارب ڊالر ڇو ادا ڪريون ٿا؟ هن چيو ته آمريڪا کي هاڻي عقلمندي سان هلايو پيو وڃي، جنهن جا نتيجا شاندار هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو