ٽنڊي ڄام ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ زخمي نوجوان فوت

ٽنڊو ڄام (ن س )ٽنڊي ڄام ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ ۾ زخمي نوجوان فوت ٿي ويو آهي. اربع ڏينهن سخي وهاب ٽائون ۾ شھزاد قائمخاني جي گھر شادي جي تيارين جي سلسلي ۾ مھندي جي تقريب ٿي هئي. تقريب دوران فائرنگ ۾ 25 ورھين جو اسرار پٺاڻ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو ھو.زخمي نوجوان کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن زخمن جي سٽ نه سھندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. مھندي تقريب دوران عادل قائمخاني ھوائي فائرنگ ڪئي هئي، جنھن جي گولي لڳڻ سبب اسرار پٺاڻ زخمي ٿي پيو هو. ٻه مھينا اڳ شادي تقريب ۾ ھوائي فائرنگ سبب مھندي راجپوت به فوت ٿي وئي هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو