ٽن مختلف آپريشنز ۾ 10 خارجي دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) اتر وزيرستان ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 3 ڌار ڌار ڪيل ڪارروائين ۾ 10 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 8 زخمي ٿي پيا. انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) طرفان جاري ڪيل بيان موجب سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو. ”آپريشن جي عمل دوران، سخت فائرنگ جي ڏي وٺ بعد 2 خارجي دهشتگردن کي ٺڪاڻي لڳايو. ٻئي واقعي ۾ آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته خارجين جو هڪ گروپ پاڪستان-افغان سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته اتر وزيرستان جي ساڳئي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز کين روڪيو. فائرنگ دوران 2 خارجي دهشتگرد مارجي ويا ۽ 2 ٻيا زخمي ٿي پيا ۽ کين پسپائي تي مجبور ڪيو ويو. اسپن وام ۾ هڪ ٻئي آپريشن ۾ صبح جو 6 دهشتگرد مارجي ويا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو